ڏتل شاهه جي چاڙهي

ڏتل شاهه جي چاڙهي: ڏتل شاهه، ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي شروعاتي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. سنڌ جو پهريون سنڌي مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه جڏهن ٽالپرن حڪمرانن وٽ ايندو هو ته ڏتل شاهه وٽ ضرور ويندو هو. ڏتل شاهه جو مقبرو حيدرآباد جي پڪي قلعي جي اڀرندي طرف چاڙهيءَ تي آهي. اها چاڙهي گرونگر کان پڪي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ آهي. اها چاڙهي ٽالپر دور حڪومت کان وٺي ’ڏتل شاهه جي چاڙهي‘ جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو